شيخ دائود استاد

شيخ، دائود، استاد: استاد شيخ دائود ولد محمد هاشم، 16 فيبروري 1916ع تي پيدا ٿيو. سندس والد بيجاپور ۾ PWD ۾ ڊرافٽس مين هو. دائود شيخ جو ننڍي هوندي سر ۽ تال ڏانهن لاڙو هو. والد سان گڏ اسٽيج ڊراما پڻ ڏسندو هو. 18 سالن جي عمر ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين، پوءِ هو امير قوال ۽ ٻين سان گڏ طبلو وڄائڻ لڳو. طبلي جي سکيا محمد قاسم کان ورتائين، جيڪو پنهنجي وقت جو ناليوارو استاد هو.
شيخ دائود جڏهن 20 سالن جو ٿيو، ته ايم. اي رئوف (حيدرآباد دکن ۾ ريڊيو چيف ايگزيڪيوٽو)، برصغير جي فنڪارن کي دعوت ڏني. تڏهن ريڊيو پرائيويٽ سيڪٽر ۾ ڪم ڪندو هو. هن کي حيدرآباد ريڊيو تي طبلي نواز ڪري رکيو ويو، جتي هن ڪيترن فنڪارن سان سنگت ڪئي. شيخ دائود اتي پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريندو رهيو. انهي عرصي ۾ هن استاد فياض خان، استاد ولايت خان، استاد بڙي غلام علي خان، استاد برڪت علي خان، روشن آرا بيگم، عبدالوحيد خان، پنڊت ڀيم سين جوشي، پنڊت وي پولاسڪر، پنڊت ونايڪ رائو، ڀٽ ورڌن، استاد علاوالدين خان، استاد علي اڪبر خان، پنڊت روي شنڪر ۽ ٻين ڪيترن ئي گوين ۽ وڄتن سان طبلي تي سنگت ڪئي. پوءِ هن استاد الهه ديا خان جي طبلي وڄائڻ جي ترتيب ورتي.
هي الهه ديا خان جي فرزند استاد محمد خان ۽ استاد ڇوٽي خان جو شاگرد ٿيو. استاد محمد خان طبلو وڄائڻ جو ماهر هو. هن کيس پکاوج جا سبق ڏيڻ کان سواءِ غزل ۽ ستار وڄائڻ به سيکاري. هن گهت، چڪر ڌاري، مکڙي تي عبور حاصل ڪيو. تال سندس چوڻ تي هلندا هئا. هن آل انڊيا ريڊيو تي طبلي جا 13 سبق 54-1955ع ڌاري ڏنا ۽ اهي سبق اڄ به استادي جو درجو رکن ٿا. استاد شيخ دائود کي جهومرا تال تي وڏو عبور هو. 1960ع ۾ داگر برادرس کي حيدرآباد ۽ آل انڊيا ريڊيو رڪارڊ ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ وقت تمام گهٽ هو، شيخ دائود ساڻس پکاوج کڻي ويٺو ته هنن کي ڪجهه عجب لڳو. پر جڏهن هنن سان سنگت ڪيائين ته داگر برادران کيس سلام ڪيو.
شاگردن کي طبلو سيکاريندو هو. سندس اصول هو ته هر هڪ کي الڳ تعليم ڏجي ۽ ڪڏهن به گڏيل/ ميڙ ۾ ڪونه سيکاريندو هو، سندس في مقرر هئي ‘دڪشنا گرو’ طور 251 روپيا وٺندو هو. هن ڪڏهن به ان ۾ واڌارو نه ڪيو. شيخ دائود استاد محبوب خان ميراجڪر جو معتقد هو. هن 50 سال موسيقي جي خدمت ڪئي. کيس ‘هندو مسلم يونٽي فرنٽ’ جو 1975ع ۾ اوارڊ ڏنو ويو. 1992ع ۾ کيس سنگيت ناٽڪ اڪيڊمي جو اوارڊ ڏنو ويو، بيماري ۽ پيرسنيءَ سبب اهو اوارڊ سندس پٽ استاد شبير نثار ورتو.
استاد دائود شيخ، 21 مارچ 1992ع تي وفات ڪئي.


لفظ شيخ دائود استادھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1916.01.16  عيسوي

استاد شيخ دائود ولد محمد هاشم، 16 فيبروري 1916ع تي پيدا ٿيو.


1992.03.21  عيسوي

استاد دائود شيخ، 21 مارچ 1992ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سڪندر منڌرو ڊاڪٽر
ٿامس ايڇ ويلر
سيد نظر حسين شاه نقوي
جهانگير قريشي
تاج الدين بن زڪريا شيخ
خيرالنساءِ جعفري
پاٽائي مخدوم عباس
حسن شيخ 1
رامچندر ڀڳوانداس رهيجا
چيٽو مل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون